ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ اسڪاٽ لينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل گروپ سي جي ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي اسڪاٽ لينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 20 هين اوور ۾ 152 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، رچي برنگٽن 49 رنس ۽ مائيڪل جونز 33 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
انگلينڊ جي عادل رشيد 3، جوفرا آرچر ۽ ليام ڊائوس ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ انگلينڊ 153 رنسن جو ٽارگيٽ 19هين اوور ۾ 5 وڪٽن تي حاصل ڪري ورتو، انگلينڊ جي ٽام بينٽن 63 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته جيڪب بيٿل 32 ٺاهي آئوٽ ٿيو، شاندار بيٽنگ تي ٽام بينٽن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
اسڪاٽ لينڊ خلاف اڄوڪي ڪاميابي تي ٻه پوائنٽون ماڻي انگلينڊ گروپ سي ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.