اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) جيڪڏهن عمران خان آڪٽوبر کان اکين جي شڪايت ڪري رهيو هو۽ صحيح علاج نه ٿيو، ته اها سرڪار جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري تحويل ۾ آهي۔ جيڪڏهن سندس نظر واقعي 85 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، ته اها سنگين ڳالهه آهي ۽ ان بابت غيرجانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي۔هنن چيو ته جڏهن ڪو شخص سرڪاري تحويل ۾ هجي ته ان جي صحت جي مڪمل ذميواري حڪومت تي هوندي آهي۔ جيڪڏهن غفلت ثابت ٿئي ٿي ته ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي۔