عمران خان ڊيل کان انڪاري، ملڪ کي هن وقت سياسي استحڪام جي ضرورت

اسلام آباد(ابصار عالم)عمران خان جو  بلڊ پريشر ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا چيڪ ٿئي ٿو، شوگر ليول به چيڪ ٿئي ٿو، ۽ باقي صحت ٺيڪ آهي. صرف اک جو مسئلو آهي جنهن ۾ نظر وڃڻ جو خطرو آهي.سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته 16 فيبروري کان اڳ سندس علاج شفا انٽرنيشنل اسپتال اسلام آباد ۾ ڪرايو وڃي، اهو خان لاءِ وڏو رليف آهي،عمران خان شايد مستقل طور اسپتال يا گهر منتقل ٿيڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن سالن ۾ جيل ۾ رهڻ سبب کيس سياسي فائدو مليو آهي، ۽ هو اهو وڃائڻ نٿو چاهي. جيڪڏهن هو ڪو سمجهوتو ڪري ٿوته سندس سياست متاثر ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري هو پنهنجي شرطن تي قائم آهي.رپورٽ موجب سندس روزاني روٽين هن ريت آهي،ٻه ڏينهن ڪڪڙ، ٻه ڏينهن مٽن، ٻه ڏينهن دال، ۽ هڪ ڏينهن چاٽ. صبح ڪافي، پوءِ دليو، ۽ کجورون کائي ٿو. پوءِ هڪ ڪلاڪ قرآن پاڪ جي تلاوت. پوءِ ورزش ڪري ٿو، ڪجهه عنصراهڙا آهن جيڪي نٿا چاهين ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي يا حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپو قائم ٿئي. اوهان ڏٺو هوندو ته شاندانه گلزار جو بيان رپورٽ کان پوءِ فوراً آيو، جيڪو اهم آهي. اهڙا ماڻهو تڪرار کي ٻيهر هوا ڏين ٿا.ساڳئي وقت ڪجهه سياستدان  گڏجي به رهيا آهن. مثال طور خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ دهشتگردي خلاف قومي اتحاد جي ڳالهه ڪئي، مريم نواز به بلوچستان ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي. يعني سياسي سطح تي ويجهڙائپ جا اشارا موجود آهن.پر ڪجهه موقعا پرست سياستدان ۽ يوٽيوبَر اهڙا آهن جن جو مفاد انتشار ۾ آهي. جڏهن ملڪ ۾ فساد ۽ تڪرار هوندو آهي ته انهن جا وي لاگ هلن ٿا، ڊالر ڪمائن ٿا. امن اچي وڃي ته انهن جو ڪاروبار بند ٿي وڃي ٿو،ٻنهي ڌرين کي گذارش آهي ته جذبات بدران عقل سان سوچيو. جيڪڏهن سياسي ڳالهه ٻولهه جو موقعو آهي ته ان کي وڃائڻ نه ڏيو. شدت پسندي ۽ انتشار گهٽايو. جمهوريت ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ٿيندا آهن.جيڪڏهن عمران خان جي زندگي ۽ صحت اهم آهي، ته پهرين سندس صحت بچايو. سياست پوءِ به ٿي سگهي ٿي، جيئن نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ڪئي. ملڪ کي هن وقت سڪون ۽ شفا جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.