پشاور (م ڊ) اي اين پي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پريشاني جو سبب آهي، هي صورتحال نه ته حڪومت لاءِ ۽ نه ئي رياست لاءِ سٺو سنوڻ آهي، عوامي نيشنل پارٽي هميشه اصولي سياست تي يقين رکي ٿي، پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي پارٽي کي اي اين پي کان وڌيڪ سياسي طور تي ٽوڙڻ ۽ دٻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. ايمل ولي خان جو چوڻ آهي ته جڏهن نواز شريف ۽ سندس خاندان سان اهڙو عمل ڪيو پيو وڃي ته اي اين پي به ان جي کليل مخالفت ڪئي هئي، اڄ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي صحت جي مسئلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ته اسان به ان جي خلاف آهيون. اي اين پي سربراهه جو چوڻ آهي ته آئين ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائيندي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اهي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن جيڪي بنيادي انساني حقن جي دائري ۾ اچن ٿيون. سياست کي انتقام يا ذاتي دشمني جي بدران جمهوري اصولن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ سماج ۾ تلخيون وڌنديون ۽ جمهوري نظام وڌيڪ ڪمزور ٿيندو.