بابري مسجد قيامت تائين نه ٺهندي: يوگي آديته ناٿ

لکئنو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير آديته ناٿ چيو آهي ته بابري مسجد قيامت تائين نه ٺهندي.
پرڏيهي خبر اداري جي رپورٽ موجب، اتر پرديش جي وڏي وزير آديته ناٿ اڱاري ڏينهن واضح طور چيو ته بابري مسجد جي ٻيهر اڏاوت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ ائين قيامت تائين ممڪن نه ٿيندو.
هن اعلان ڪندي چيو ته رام مندر تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جيڪي ماڻهو ان (بابري مسجد) جو خواب ڏسي رهيا آهن، اهي هميشه مايوس ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.