اسڪول ۾ عورت جي فائرنگ، حملي آور سوڌو 10 ڄڻا مارجي ويا

ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي صوبي برٽس ڪولمبيا جي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مبينا عورت حملي آور سوڌو 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 27 زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، فائرنگ جو واقعو ٽمبلرج جي هاءِ اسڪول ۾ پيش آيو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ مبينا حملي آور سميت ڏهه ڄڻا مارجي ويا.
واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته اسڪول مان ڇهن ڄڻن جا لاش مليا آهن، جڏهن هڪ زخمي اسپتال ويندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس موجب، وڌيڪ ٻه ڄڻا گهر ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيا، جن بابت چيو پيو وڃي ته سندن تعلق به فائرنگ واري واقعي سان آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ سخت زخمي ٻه ڄڻا ائير لفٽ ذريعي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته زخمين ٿيندڙ 27 ڄڻن کي طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.
پوليس وڌيڪ چيو آهي ته حملي ۾ امڪاني طور تي عورت ملوث هئي، شڪي حملي آور فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ خودڪشي ڪئي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.