اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف نيپرا طرفان سولر بابت نوان ريگيوليشنز جاري ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيپرا جي نئين ريگيوليشنز بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، عطاءَ تارڙ، اويس لغاري، پرويز ملڪ، بلال ڪياني، محمد علي ۽ احد چيمه سميت ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم نيپرا طرفان سولر سان لاڳاپيل نوان ريگيوليشنز جاري ٿيڻ جو فوري نوٽيس ورتو آهي.
شهباز شريف پاور ڊويزن کي نيپرا کي سولر واهپيدارن جي ڪانٽريڪٽ جي تحفظ بابت نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ ۽ موجودا ڪانٽريڪٽس جو هر ممڪن تحفظ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم چيو ته سولر وارن 4 لک 66 هزار صارفين جو بار 3 ڪروڙ 76 لک نيشنل گرڊ بجلي صارفين تي نه پوي.
هن پاور ڊويزن کي ان سلسلي ۾ گڏيل حڪمت عملي عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
سولر واهپيدارن بابت نوان ريگيوليشنز ڇا آهن؟
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) نيشنل گرڊ کي بجلي وڪرو ڪرڻ جا ريٽ گهٽائي ڇڏيا آهن.
نون ريگيوليشنز موجب، پراڻا سولر صارفين پنهنجي بجلي نيشنل گرڊ کي 25 رپيا 32 پئسا في يونٽ جي پراڻي ريٽ تي ئي وڪرو ڪندا، جڏهن ته نون صارفين لاءِ نيشنل گرڊ کي وڪرو ڪيل بجلي جي في يونٽ ريٽ ۾ 17 رپيا 19 پئسا وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يعني نون صارفين کي 8 رپيا 13 پئسا ملندا.