راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) قومي عوامي تحريڪ پاران راڌڻ شهر ۾ جشن لطيف جي موقعي تي شاندار ۽ تاريخي جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ راڌڻ سميت آسپاس جي ڳوٺن مان وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي کان اڳ قومي عوامي تحريڪ طرفان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مين شاهين بازارن مان گذرندي ريلوي گرائونڊ ۾ قائم جلسي گاھ تي پهتي، جتي جلسي عام منعقد ٿيو. جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي قائد انقلاب اياز لطيف پليجو زوردار ۽ جذباتي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ زراعت جي تباهي سنڌي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن هر کاتي ۾ ڪرپشن ۽ عوام سان ٿيندڙ ناانصافين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن ۽ قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن لاءِ هر فورم تي جدوجهد جاري رکندي. اياز لطيف پليجو چيو ته دادو کي ڪشمير بڻايو پيو وڃي ۽ روز لاشن جا تحفا ملي رهيا آهن. هن ميهڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کان شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 2.2 ڪروڙ رپيا معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. جلسي عام کي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظھر راھو، زينت سمون، منور جتوئي، مير کوسو، سومار چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. جلسي دوران ڪارڪنن زوردار نعرا هنيا ۽ قائد انقلاب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.