ڪراچي(عوامي آواز نيوز)چيف ميڪرو اسٽريٽجسٽ يوسف نظر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته جڏهن 2008ع ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي، تڏهن سنڌ ۾ خواندگي جي شرح لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو هئي مردن ۾ 69 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 45 سيڪڙو،پاڪستان اڪنامڪ سروي 2024–25 موجب، سنڌ جي خواندگي جي شرح 57.54 سيڪڙو رپورٽ ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل سال 61.6 سيڪڙو هئي۔جڏهن ته 2023ع جي آدمشماري ۾ اها شرح 60.7 سيڪڙو ڄاڻائي وئي، جيڪا يا ته انگن اکرن جي عدم مطابقت ڏيکاري ٿي يا حقيقت ۾ زوال ڏانهن اشارو ڪري ٿي۔آدمشماري وارو ڀلو انگ به 17 سالن دوران بيهڪ (جمود) کي ظاهر ڪري ٿو۔ ان جي مقابلي ۾ پنجاب ساڳئي عرصي ۾ 60 سيڪڙو کان وڌي 74 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن سميت صنفي فرق اڄ به انتهائي واضح آهي: ٿرپارڪر ۾ عورتن جي خواندگي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو جي ويجهو آهي، جڏهن ته ڪراچي سينٽرل ۾ نوجوانن جي خواندگي 83 سيڪڙو کان مٿي آهي،جنهن تي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري کيس جواب ڏنو ته ڪجهه به نه، 1947 کان 2008 ع تائين، يعني 61 سالن ۾، رڳو 10 يونيورسٽيون قائم ٿيون (جن مان گهڻيون 90ع واري ڏهاڪي ۾ هيون)؛پر پ پ جي 17 سالن جي دور ۾ 30 يونيورسٽيون ۽ 18 ڪيمپس قائم ڪياويا،نه اڌ وقت کان به گهٽ عرصي ۾ ٽيڻي ڪارڪردگي!