پاڪستان آءِ سي سي کي لوڏي ڇڏيو هو: اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر

پاڪستان طرفان ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچ جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺڻ جي فيصلي کي دانشمنداڻو ۽ ڪرڪيٽ لاءِ بهتر قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪرڪيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ منافعي بخش مقابلو تڪرار کانپوءِ نيٺ ڳالهين ذريعي بحال ٿي ويو.
ان حوالي سان پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر مدن لال چيو ته پاڪستان هر هر اهو چئي آءِ سي سي کي لوڏي ڇڏيو هو ته هو ميچ نه کيڏندو.
سندس موجب نيٺ آءِ سي سي کي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهائڻو پيو ۽ اهو ڪرڪيٽ سان سٺو ثابت ٿيو، اسان چاهيون ٿا ته مضبوط ٽيمون کيڏن ته جيئن ورلڊ ڪپ جي سونهن برقرار رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.