ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ بنگلاديش هڪ نئين واپاري معاهدي جو اعلان ڪيو آهي.
ان معاهدي تحت آمريڪا بنگلاديش مان ايندڙ درآمدن تي ٽيرف گهٽ ڪري 19 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ ڪجهه خاص شرطن تحت ”زيرو ٽيرف“ جي سهولت به ڏني ويندي.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس موجب آمريڪا انهن بنگلاديشي لباسن ۽ گارمينٽس شين کي زيرو ٽيرف تي پنهنجي منڊي ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جيڪي آمريڪي ڪپهه ۽ هٿرادو فائبر استعمال ڪري تيار ڪيون ويون هجن.
You might also like