فهد ۽ ماهرا جي فلم ”آگ لگي بستي مين“ جو ٽريلر رليز ٿيندي ئي ڇانئجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فهد مصطفيٰ ۽ ماهرا خان جي فلم ”آگ لگي بستي مين“ جو ٽريلر رليز ٿيندي ئي ڇانئجي ويو.
فلم ۾ جاويد شيخ ۽ تابش هاشمي به اهم ڪردار نڀايو آهي، هدايتڪاري بلال عاطف خان جي آهي ۽ ڪهاڻي به ان ئي لکي آهي.
سلمان اقبال فلمز ۽ بگ بينگ فلمز جي ”آگ لگي بستي مين“ هلندڙ سال عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.
ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته فهد مصطفيٰ سڌي رستي تي هلڻ چاهي ٿو پر ماهرا خان جلد امير ٿيڻ جي خواهشمند آهي ۽ کيس غلط رستي جي چونڊ ڪرڻ جو چئي ٿي، جنهن کانپوءِ مسئلا وڌن ٿا ۽ قتل عام شروع ٿي وڃي ٿو.
مداح ٽريلر جي تعريف ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي پسنديده فنڪارن کي وڏي پردي تي ڏسڻ جا منتظر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.