ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي سالياني امتحانن کانپوءِ شاگردن کي ڏنل مفت درسي ڪتاب واپس وٺڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.
صوبائي تعليم کاتي جي ترجمان موجب، رزلٽ ڪارڊ تي درسي ڪتابن جي واپسي جا تفصيل شامل ڪيا وڃن، جڏهن ته جاري ڪيل ۽ واپس آيل ڪتابن جو باظابطا رڪارڊ پڻ رکيو وڃي.
ترجمان چيو ته هڙئي گڏ ڪيل ڪتاب اسڪول بُڪ بئنڪ ۾ محفوظ ڪيا وڃن.
ان کانسواءِ پرائمري کان هائير سيڪنڊري تائين سمورن شاگردن کان ڪتابن جي واپسي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ضلعي تعليمي آفيسر اسٽاڪ رڪارڊ ريجنل ڊائريڪٽرن وٽ جمع ڪرائين.