ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪجهھ ڏينھن اڳ سنڌ اسمبلي ڪامن ويلٿ ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، جنھن سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جي حوالي سان ھاڪاري پيغام ويو، ڪراچي ۾ مائي ڪولاچي نمائش جو بندوبست ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ٻين به عالمي نمائشن جون تقريبون ٿيون، جنھن سان پوري دنيا ۾ اھو پيغام ويو ته پاڪستان امن جو ڳڙھ آھي. سنڌ اسمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو ته عالمي بينڪ جي وفد مختلف شھرن جي دورن بعد حڪومت سنڌ جي رٿائن جي تعريف ڪئي، سنڌ سرڪار دنيا جي تاريخ جي سڀني کان وڏي منصوبي تي عمل ڪري رھي آھي جنھن تحت 21 لک گھر تعمير ڪيا پيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دھشتگردن ڀارتي ادارن ۽ طالبان جي مدد سان معصوم ماڻھن تي حملو ڪيو، سندس چوڻ ھو تھ اھي دشمن ملڪ جيڪي پاڪستان جو سامھون مقابلو نه ٿا ڪري سگھن ۽ جن کي تاريخي شڪست جو منھن ڏسڻو پيو، اھي پراڪسين ذريعي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رھيا آھن. هڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ جيڪڏھن ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ڪراچي ۾ ڪمن جي مخالفت نه ڪندا تھ سندن سياست ڪيئن ھلندي، جڏھن ته باقي شھرن ۾ اھڙن قسمن جي واقعن تي خاموش رھندا آھن. ھن سوال اٿاريو تھ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ناھن ٿيون ڇا اُتان جا ماڻھو انسان ناھن؟ سندس چوڻ ھو تھ ڪراچي ۾ تنقيد ۽ مخالفت نه ھُجي ته ڪيترين ئي سياست پارٽين جي سياست نه ھلندي.