پاڪستان جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ شيڊيول موجب کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون شيڊيول موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون کيڏنديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪن صدر جي درخواست تي وزيراعظم شهباز شريف ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.