مودي پاڪستان تي ٻيهر حملي جو سوچي به نٿو سگهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغان حڪومت ٽي ٽي پي کي پري وٺي وڃڻ جي بدلي 10 ارب رپيا گهريا، ان باوجود افغانستان گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي دهشتگردي خلاف گڏ ٿيڻو پوندو، اسان ٻن جنگين ۾ ڌر بڻياسين، جيڪي افغانستان ۾ وڙهيون ويون، اهو ڪو جهاد نه هو، اسان ان مان ڪو سبق نه سکيو، جيستائين ماضي جي غلطين جو اعتراف نه ڪنداسين اڳتي نٿا وڌي سگهون.
هن چيو ته آمريڪين اسان کي ڇڏي ڏنو پر اسان کي عقل نه آيو، نائن اليون جي اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته ڪنهن ڪرايو، ٽوئن ٽاور حملي ۾ ڪو افغان، پشتون يا هزارا ملوث نه هو.
سندس چوڻ هو ته اسان ڀارت کي جيڪا شڪست ڏني آهي، ان کانپوءِ نريندر مودي پنهنجي ملڪ ۽ دنيا ۾ رُلي ويو آهي، هو ٻيهر حملي جو سوچي به نٿو سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.