اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر موجب عمران خان چيو آهي ته اڳتي اهڙو ڪو حڪم نه ڏينداسين ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان 10 ڀيرا سپريم ڪورٽ ۽ 16 ڀيرا هاءِ ڪورٽ وياسين، اسان جي اپيل هئي ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪي 17 ڪيس آهن انهن کي لڳايو وڃي، همايون دلاور فيصلي کانپوءِ اسان عدالت سان رابطو ڪيو هو ته اهو غير قانوني آهي، اسان پارليامينٽ، عدالت سميت هر فورم تي پنهنجو آواز اٿاري رهيا آهيون.
هن چيو ته ڪنهن به ڪنٽينر جي تياري يا ان جو رخ اسلام آباد ڏانهن ڪرڻ جي حوالي سان خبرون درست ناهن، عمران خان محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي فيصلي جو اختيار ڏنو آهي، جيڪڏهن ڳالهين يا مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻو آهي ته اهو اختيار به اپوزيشن اڳواڻن کي آهي
عمران خان چيو آهي ته اڳتي اهڙو ڪو حڪم نه ڏينداسين ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪيو: بيرسٽر گوهر
You might also like