رٽائرمينٽ جي ڪجهه ڏينهن بعد واپسي، ارجيت سنگهه مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) مشهور راڳي ۽ موسيقار ارجيت سنگهه پلي بئڪ سنگنگ تان رٽائرمينٽ واري اعلان جي ٻن هفتن بعد لائيو پرفارمنس ذريعي مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
گذريل هفتي ڪولڪتا جي نيتاجي انڊور اسٽيڊيم ۾ ستار جي ماهر انوشڪا شنڪر ارجيت سنگهه کي خاص مهمان طور اسٽيج تي سڏايو.
ان موقعي تي انوشڪا شنڪر ۽ ارجيت سنگهه گڏجي ”مايا ڀورا راتي“ پيش ڪئي، جيڪا لڪشمي شنڪر طرفان ڳايل بنگالي گيت جي روايت کي زندهه رکي ٿي ۽ پنڊت روي شنڪر جي ڪمپوزيشن تي ٻڌل آهي.
ان پرفارمنس جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جتي واهپيدارن ارجيت سنگهه جي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو هڪ شاندار راڳي آهي ۽ هاڻ پنهنجي جڙن طرف موٽندي اصل موسيقي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ارجيت سنگهه پلي بئڪ سنگنگ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
پنهنجي پوسٽ ۾ هُن چيو هو ته ” مان هاڻي پلي بئڪ سنگر طور ڪو به نئون پروجيڪٽ قبول نه ڪندس.“
ارجيت سنگهه لکيو هو ته هو پنهنجي هن سفر کي هتي ختم ڪري رهيو آهي ۽ اهو سفر سندس لاءِ شاندار ۽ يادگار رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.