ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي پهرين سج گرهڻ 17 فيبروري تي ٿيندي.
ان گرهڻ کي رنگ آف فائر جو نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته ان دوران چنڊ سج کي ائين لڪائيندو جو ان جو ٻاهريون حصو منڊي يا ڇلي وانگر نظر ايندو.
پر ان رنگ آف فائر جو نظارو پاڪستان ۾ نه ٿيندو، اهو رڳو انٽارڪٽيڪا ۾ ڏٺو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ آمريڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪجهه خطن ۾ جزوي سج گرهڻ ڏسي سگهبي.
ان گرهڻ جي شروعات 17 فيبروري تي پاڪستاني وقت موجب منجهند 12 لڳي هڪ منٽ تي ٿيندي ۽ مڪمل رنگ آف فائر رڳو انٽارڪٽيڪا ۾ نظر ايندو، جڏهن ته چلي، اجنٽينا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪجهه حصن ۾ جزوي گرهڻ ٿيندي.
You might also like