پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان 2 ارب 45 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو، نئون نالو راولپندي رکيو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز ولي ٽيڪ 2 ارب 45 ڪروڙ رپين ۾ 10 سالن لاءِ خريد ڪري ورتي، جڏهن ته ٽيم جو نئون نالو راولپنڊي رکيو ويو آهي.
پي ايس ايل جي فرنچائز ملتان سلطانز جي ٽيم جي نيلامي واري تقريب لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي به شرڪت ڪئي.
نيلامي واري تقريب ۾ پي سي بي جو اڳوڻو چيئرمين نجم سيٺي پڻ موجود هو، جڏهن ته پاڪستان جو ليجنڊري بيٽر ظهير عباس به ملتان سلطانز جي نيلامي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو..
پي ايس ايل جي ٽيم ملتان سلطانز جي نيلامي ۾ پنج بڊرز حصو ورتو، ملتان سلطانز جي نيلامي لاءِ بيس پرائس 182 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.
پي سي بي موجب، مقرر وقت اندر ڪُل 6 پروپوزلز وصول ٿيا، جن جي تفصيلي ۽ شفاف جاچ کان پوءِ 5 بڊرز کي فني طور اهل قرار ڏنو ويو، جن نيلامي ۾ حصو ورتو.
واضح رهي ته ملتان سلطانز جي اڳوڻي مالڪ علي ترين 10 سالن واري ملڪيت جي معاهدي جي تجديد کان انڪار ڪيو هو، جنهن کان پوءِ پي سي بي فرنچائز جي نيلامي جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.