ويب ڊيسڪ(ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ سالن کان انسانن کي مريخ تي پهچائڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي، جنهن جو اظهار هو ماضيءَ ۾ به ڪيئي ڀيرا ڪري چڪو آهي. پر هاڻ اوچتو هنن مريخ بدران چنڊ تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي خلائي ادارو ناسا 5 ڏهاڪن کانپوءِ مارچ 2026 ۾ انسان بردار آرٽيمس 2 مشن چنڊ جي مدار ۾ موڪليندو. آرٽيمس 2 کانپوءِ آرٽيمس 3 مشن ٻن سالن دوران چنڊ تي پهچايو ويندو، جنهن ۾ خلا باز چنڊ جي سطح تي قدم رکندا.
ٻيون مختلف ڪمپنيون به چنڊ جي مدار ۾ خلائي اسٽيش ۽ چنڊ جي سطح تي مستقل بيسز ٺاهڻ جا منصوبا ترتيب ڏئي رهيون آهن.
ان موقعي تي ايلون مسڪ هڪ ايڪس پوسٽ ۾ اعلان ڪيو ته ”اسپيس ايڪس هاڻي چنڊ تي انساني شهر آباد ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.”
مسڪ چيو ته ” جيڪي ماڻهو اڃا تائين واقف نه آهن، ڄاڻو ته اسپيس ايڪس چنڊ تي انساني شهر اڏڻ جي تياري شروع ڪري چڪو آهي، اسان اهو ڪم هڪ ڏهاڪي کان به گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪنداسين، جڏهن ته مريخ تي شهر جي اڏاوت لاءِ اسان کي 20 سال يا ان کان وڌيڪ وقت گهربل آهي.“
هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته ؟” مريخ جو سفر 26 هين مهيني ۾ ئي ممڪن ٿئي ٿو، جڏهن ٻئي سيارا هڪ لائن ۾ هوندا آهن، جڏهن ته چنڊ لاءِ اسان هر 10 ڏينهن ۾ مشن لانچ ڪري سگهون ٿا، ان ڪري چنڊ تي شهر اڏڻ مريخ جي ڀيٽ ۾ گهڻي تيزي سان ممڪن آهي.“
ايلون مسڪ چيو ته” اسپيس ايڪس جي مريخ تي شهر اڏڻ واري رٿا هميشه برقرار رهندي ۽ ان تي 5 کان 7 سالن کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويندو، پر چنڊ تي هي ڪم وڌيڪ تيزي سان مڪمل ٿي سگهي ٿو.“