پينن کي ٺيڪيدار ڀرتي ڪري ٻاهرئين ملڪ موڪلين ٿا: خواجا آصف جو وڏو انڪشاف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پنڻ هڪ منظم پيشو بڻجي چڪو آهي ۽ اهو ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪري رهيو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پنرائڻ لاءِ هاڻ باقاعدي ٺيڪيدار موجود آهن، ٺيڪيدار ٻارن، عورتن ۽ جعلي معذورن کي ڀرتي ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن.
هن چيو ته اهي ئي ٺيڪيدار هزارن جي انگ ۾ ماڻهن کي پنڻ لاءِ نار ملڪن ڏانهن موڪلي رهيا آهن، ان ڪِريل ڪم ۾ ايئرپورٽ تي مختلف کاتن جو عملو حصيدار آهي ۽ مال ٺاهي رهيو آهي، سيالڪوٽ ۾ اڪثر ماڻهو ڏکڻ پنجاب مان اچي هوٽلن ۾ رهي ڌنڌو ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته انتظاميا ۽ پوليس جي تازين ڪارروائين سان ان ڪاروبار ۾ گهٽتائي آئي آهي پر هاڻ به پينو نظر اچي رهيا آهن، پينن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو آهي ته ٺيڪيدار سفارشي بڻجي اچي ويندا آهن.
خواجا آصف چيو ته اهو ڪاروبار سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪري رهيو آهي، اهو ڪاروبار ڪنهن به شهر ۾ انتظاميا ۽ پوليس جي سرپرستي کانسواءِ نٿو ٿي سگهي، ان ڪاروبار سان ٻيا به ڪيترائي ڪِريل ڪم جڙيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.