ايران ۾ ڊالر بحران تي آمريڪي ناڻي واري وزير جو ڇرڪائيندڙ اعتراف سامهون اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ ڪينٿ اعتراف ڪيو آهي ته ايران ۾ ڊالر جي سخت کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ آمريڪي پاليسين جو ڪردار هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان ان وقت سامهون ايو، جڏهن هڪ سينيٽر ايران تي دٻاءَ وڌائڻ لاءِ ٽرمپ انتظاميا جي قدمن بابت سوال ڪيو.
آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪي قدمن جي نتيجي ۾ ايران ۾ مالي دٻاءُ وڌيو ۽ هڪ ايراني بينڪ جو ڊسمبر ۾ ڏيوالو ٿي ويو، جنهن سان معاشي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو.
هن چيو ته ايران جي مرڪزي بينڪ کي نوٽ ڇاپڻا پيا، جنهن سبب ايراني ڪرنسي جو قدر گهٽيو ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿي.
آمريڪي ميڊيا موجب دٻاءَ جي پاليسي تحت واشنگٽن ايران جي تيل برآمدن کي به سخت حد تائين محدود ڪيو، جنهن سان ايران جي معيشت وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار ٿي، ڪرنسي ڪرڻ خلاف ايران ۾ احتجاجي مظاهرا به ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.