وڏي طبقي کي بجلي اگهن ۾ 70 سيڪڙو رعايت ڏيڻ وس جي ڳالهه ناهي: اويس لغاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جا 200 کان گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو انگ 90 لکن مان وڌي 2 ڪروڙ 10 لک ٿي ويو آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته امير ماڻهو سولر سسٽم لڳائي 200 يونٽ کان گهٽ جي فهرست ۾ اچي ويندا آهن، ايڏي وڏي طبقي کي بجلي جي قيمت ۾ 70 سيڪڙو ڊسڪائونٽ ڏيڻ رياست جي وس جي ڳالهه ناهي.
هن چيو ته انڊسٽري کي تازي رليف ۾ وزيراعظم ڪراس سبسڊي جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي، اسان جو صنعتي بجلي جو اگهه خطي جي ٻين ملڪن جي ويجهو اچي ويو آهي، بنگلاديش ۾ 6 کان 7 سينٽ بجلي يونٽ جي ڳالهه غلط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.