پاڪستان اي آءِ ۾ عالمي سطح تي قدم رکڻ لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هٿرادو ڏاهپ جي شعبي ۾ عالمي سطح تي قدم رکڻ لاءِ تيار آهي.
اسلام آباد ۾ انڊس اي آءِ ويڪ 2026 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو ايونٽ ملڪ جي ٽيڪنالاجيڪل منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيندو.
هن چيو ته ايونٽ عالمي سطح تي پاڪستان کي هڪ مضبوط پارٽنر طور سامهون آڻيندو، پاڪستان عزم ۽ جوش سان قدم وڌائي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ ۾ نوجوانن کي جديد گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ گڏيل قدم کڻي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.