بلوچستان جي بحرانن کي هڪ ئي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش غلطي آهي: راڻا ثناءُالله

لاهور (بيورو) وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ٿي چڪو آهي ان کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، جيستائين اها نشاندهي نه ٿيندي ته بلوچستان جو بحران آهي ڇا، مسئلي جي حل جو پتو نه پوندو. لاهور ۾ عاصما جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته هن چيو ته فيصل آباد ۾ بلوچستان جا ماڻهو اربين رپين جو ڪاروبار ڪن ٿا، ڪو هڪ مثال ڏيو ته ڪنهن پنجاب ۾ ڪنهن بلوچ کي گهٽ وڌ چيو هجي. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪندڙن جو انسانيت سان واسطو ناهي، ڇا جعفر ايڪسپريس واقعي جي ڏينهن ڀارتي ميڊيا تي جشن نه هو؟ امن لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بلوچستان جو امن ۽ ترقي ترجيح آهي.  سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان بلوچستان جي بحران جي ڳالهه ڪنداسين، ته هڪ بحران اهو آهي جنهنجي مينگل صاحب ۽ ڊاڪٽر مالڪ صاحب نمائندگي ڪري رهيا آهن، ۽ ٻيو بحران اهو آهي جنهن جي بشير زيب ۽ انهن جا ساٿي نمائندگي ڪري رهيا آهن. منهنجي راءِ ۾، انهن ٻنهي بحرانن جي حل لاءِ مختلف طريقا ۽ مطالبا آهن، جن کي اسان هڪ ٻئي ۾ ملائي رهيا آهيون. بشير زيب جو بحران اهو آهي جو ماڻهن کي بس مان لاهي انهن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي، ۽ انهن جي خاندانن جي سامهون انهن کي شهيد ڪيو ويندو آهي. ٻي طرف، اختر مينگل ۽ ڊاڪٽر مالڪ جو بحران وڌيڪ سياسي نوعيت جو آهي.  راڻا ثناءُالله چيو ته اسان جي غلطين مان هڪ اها آهي جو اسان انهن ٻنهي بحرانن کي هڪ ئي سمجهي رهيا آهيون. توهان ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌو هوندو ته ڪنهن چيو هجي، بلوچستان وارن، اسان جي ماڻهن کي ماري ڇڏيو آهي. هميشه چيو ويو آهي ته اهي دهشتگرد آهن، پاڪستان جا دشمن آهن، ۽ دشمن ملڪن سان ملي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. ڪڏهن به ڪنهن بلوچستان جي ماڻهن تي الزام ناهي لڳايو ويو. اها هڪ حقيقت آهي ته ان صورتحال جو ذميوار دشمن ملڪ پڻ آهن. هن چيو ته هاڻي، ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن انهن ٻنهي بحرانن کي الڳ الڳ حل ڪيو وڃي، ته اهو بهتر ٿيندو. بشير زيب ۽ انهن جي ساٿين جيڪي قدم کنيا آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿا قرار ڏئي سگهجن. انهن جو ڪم عوام کي نقصان پهچائڻ آهي، ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ آجا نٿا ٿي سگهن. آجا  اهي هوندا آهن جيڪي ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان بلوچستان ۾ دهشتگردي بابت ڳالهايون، ته اها حقيقت آهي ته انهن ڪاررواين ۾ ڀارت جو هٿ آهي. انهن دهشتگردن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. رياست جي ذميواري آهي ته اهي دهشتگردن کي ختم ڪري، جيئن پاڪستان جي بقا محفوظ رهي. ٻئي طرف، جيڪو سياسي بحران آهي، ان ۾ اها ڳالهه ضروري آهي ته بلوچستان جي ماڻهن جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي، ۽ ان لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. اهو ضروري آهي ته بلوچستان ۾ چونڊن جو عمل آزاد ۽ شفاف انداز ۾ ٿئي، ۽ جيڪي جماعتون ڪامياب ٿين، انهن کي اقتدار ۾ آندو وڃي، جيئن بلوچستان جا مسئلا حل ٿي سگهن.ڌ بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي ارادي جي ضرورت آهي. پر اسان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن رياست هڪ ڀيرو فيصلو ڪري ٿي، ته ان بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.