لاهور(عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي حامد مير ۽ عرفا نور عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحافت تي لڳاتار پابنديون لاڳو ڪيون وڃن ٿيون، ۽ اهو سوال انهن جي حق ۾ ناهي ته ڪنهن صحافي کي “آف ايئر” ڪيو وڃي يا نه، حامد مير چيو ته مان ۽ منهنجا ساٿي، وزيراعظم شباز شريف کان هڪ سوال رکڻ چاهين ٿا پاڪستان جو هڪ تمام سينيئرصحافي، ڪاشف عباسي، هڪ سال کان آف ايئر آهي، ان تي پيڪا ايڪٽ يا پي اي ايم آر اي جو ڪو به چارج شيٽ نه لڳايو ويو. اهو آف ايئر آهي جيئن خودڪش ڌماڪي جي خبر کي روڪڻ لاءِ چيو ويو هو، پر اسان وٽ ڪو ثبوت ناهي ته ڪنهن چيو ته خبر نه هلائي وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن واقعي ڪنهن صحافي تي الزام آهي ته هن رياست جي مفاد جي خلاف ڪم ڪيو، ته پوءِ پيڪا ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عدالت ۾ کيس پنهنجو دفاع جو موقعو ڏنو وڃي،هن چيو ته صحافي کي رياست يا حڪومت فيصلو نه ٿي ڪري سگهي ته ڪير صحافي آهي يا نه۔ صحافي پنهنجي ڪم جي بنياد تي پرکيو وڃي، ۽ عوام فيصلو ڪندي ته ڪنهن کي ڏسڻو آهي يا نه،هن چيو ته پيڪا ايڪٽ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، جيئن ايمان مزاري کي 17 سال قيد ڏني وئي حامد مير تجويز ڏني ته پريس ڪلبن ۾ خاص ڪميٽيون ٺاهيون وڃن،جيڪي صحافي قانون جي حدن ۾ ڪم ڪن، انهن کي تحفظ ڏنو وڃي، هن چيو ته صحافت تي پابنديون نه صرف فرد تي اثرانداز ٿين ٿيون، پر ملڪ جي جمهوريت ۽ آزاد صحافت لاءِ به خطرو آهن.