اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڪٽنب پمز اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ وصول ڪري ورتي آهي.
پي ٽي آءِ جي باني جي ميڊيڪل رپورٽ سندس خاندان طرفان اڊيالا جيل جي اختيارين ذريعي وصول ڪئي وئي.
عمران خان جي طبي رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن موجب، باني پي ٽي آءِ کي ساڄيءَ اَک جي روشني گهٽجڻ جي شڪايت هئي، عمران خان جي اک جو اڊيالا جيل ۾ مڪمل معائنو ڪيو ويو.
ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اکين جي ماهر طرفان اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو ويو، عمران خان جي ساڄي اکي ۾ سينٽرل ريٽينل وين اوڪلوزر (سي آر وي او) جي نشاندهي ٿي، جڏهن ته ماهرن اسپتال ۾ فالو اپ علاج جي تجويز ڏني.
ميڊيڪل رپورٽ موجب، پي ٽي آءِ باني کي ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پمز منتقل ڪيو ويو ۽ سندس راضپي سان علاج ڪيو ويو. تجويز ڪيل علاج جي طريقيڪار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي اک جو آپريشن ٿيٽر ۾ ويهه منٽن تائين جائزو ورتو ويو ۽ علاج کانپوءِ پي ٽي آءِ باني مستحڪم هو، جنهن کانپوءِ معمول جي هدايتن سان کيس ڊسچارج ڪيو ويو.
” عمران خان کي ساڄي اک جو نور گهٽجڻ جي شڪايت هئي“ پي ٽي آءِ باني جي طبي رپورٽ سامهون اچي وئي
You might also like