هراري (ويب ڊيسڪ) ڀارت آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل مقابلي ۾ انگلينڊ کي 100 رنسن تان شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجي ويو.
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ ڀارتي ڪپتان آيوش ماٿري ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
ڀارت مقرر 50 اوورن ۾ ويڀوَ سوريا ونشي جي جارحاڻي بيٽنگ جي مدد سان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 411 رنسن جو وڏو اسڪور ٺاهيو.
فائنل ۾ ڀارتي اوپنر ويڀوَ سوريا ونشي انگلش بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا ۽ 80 بالن تي 15 چوڪن ۽ 15 ڇڪن جي مدد سان 180 رنسن جي تاريخي اننگز کيڏي.
ان کان کانسواءِ ڪپتان آيوش ماٿري 53، اڀگيان ڪُنڊو 40 ۽ وِدَنت ترويدي 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪنشڪ چوهاڻ 37 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
انگلينڊ طرفان جيمز مِنٽو 3 جڏهن ته سبسٽين مورگن ۽ اليڪس گرين ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڀارت جي412 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي انگلينڊ جي ٽيم 41 هين اوور ۾ 311 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. انگلينڊ ڪالِب فالوڪنر 115 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، جڏهن ته بين ڊوڪنس 66، بين مياس 45 ۽ جيمز مِنٽو 28 رنسن سان نمايان رهيا.
ڀارت طرفان آر ايس امبريش 3، دپيش دويندرن ۽ ڪنشڪ چوهاڻ ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
ويڀوَ سوريا ونشي کي تاريخي اننگز تي ميچ ۽ شاندار ڪارڪردگي تي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڀارت آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ 2026 جي آخري دنگل ۾ انگلينڊ کي هارائي چيمپيئن بڻجي ويو
You might also like