عثمان طارق ”مان ڪليئر آهيان“ لکي پنهنجي ڳِچي ۾ ٻڌي ڇڏي: سلمان علي آغا

ڪولمبو( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن ۾ ڪو مسئلو ناهي، بس هاڻي اهو ئي باقي رهيو آهي ته عثمان طارق پنهنجي ڳِچيءَ ۾ لکي ڇڏي ته ”مان ڪليئر آهيان.“
ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان علي آغا چيو ته عثمان طارق جو ايڪشن ٻه ڀيرا ڪليئر ٿي چڪو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سندس ايڪشن تي واويلا ڇو ٿي رهي آهي، عثمان طارق اسان جي لاءِ ايڪس فيڪٽر جي حيثيت رکي ٿو.
هن چيو ته بابراعظم سريلنڪن ڪنڊيشن ۾ اسان لاءِ اهم آهي ۽ هو پنهنجي اسٽرائڪ ريٽ کي بهتر بڻائڻ تي مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.