آمريڪا پاران ايران ۾ موجود پنهنجي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ورچوئل ايمبيسي ايران ۾ موجود آمريڪي شهرين کي فوري ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ايران ۾ آمريڪي ورچوئل ايمبيسي ايران ۾ رهندڙ آمريڪي شهرين کي فوري طور تي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.
آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي شهري حڪومتي مدد تي ڀاڙڻ کانسواءِ ايران مان روانگي جو منصوبو ٺاهين، ڇاڪاڻ ته اُڏامون ڪنهن به وقت رد يا معطل ٿي سگهن ٿيون.
ورچوئل ايمبيسي جي بيان ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ايران ڇڏڻ ممڪن نه هجي ته آمريڪي شهري پنهنجن گهرن يا ڪنهن محفوظ عمارت ۾ رهن ۽ خوراڪ، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون مناسب مقدار ۾ محفوظ ڪن، جيڪڏهن هي طريقو محفوظ هجي ته آمريڪي شهري زميني رستي ذريعي آرمينيا يا ترڪي وڃڻ تي پڻ غور ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.