عمران خان جي طبي رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ ) جي باني عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي.
اڊيالا جيل ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جماعت علي شاهه اي ٽي سي ۾ پيش ٿيو ۽ اڊيالا جيل جي عملدارن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.
پي ٽي آءِ باني جي ميڊيڪل رپورٽ جماعت علي شاهه عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان پرزن رولز جي تحت عمران خان جو طبي معائنو ڪيو ويو آهي.
عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي جيل رولز موجب سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ عدالت رپورٽ پيش نه ٿيڻ تي سپرنٽنڊنٽ جيل کي توهينِ عدالت جو نوٽيس موڪليو هو ۽ عدالت اڄ اڊيالا جيل جي عملدارن کان پي ٽي آءِ باني جي رپورٽ طلب ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.