پاڪستان ۾ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 21 هزار 400 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 5 لک 7 هزار 762 رپين جو ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 18 هزار 347 رپيا لاٿ سان 4 لک 35 هزار 324 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 214 ڊالر گهٽتائي بعد 4850 ڊالر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.