ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ في تولو سون 14 هزار 800 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ 14 هزار 800 رپين جي واڌ بعد في تولي سون جي قيمت وڌي 5 لک 29 هزار 162 رپيا ٿي وئي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 12 هزار 689 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 53 هزار 671 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 148 ڊالر واڌ سان 5064 ڊالر ٿي وئي آهي.
You might also like