موموز جي بُک، نينگر پنهنجي ئي گهر مان لکن جا زيور چورائي ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ غير معمولي واقعو سامهون آيو آهي، جتي 14 ورهين جي نينگر موموز جي عادت پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهر مان لکين رپين جا زيور چورائي کپائي ڇڏيا.
ڇوڪرو موموز جو ايترو عادي ٿي چڪو هو ته ان ڳجهي طور تي گهر مان سونا زيور ڪڍي هڪ مقامي مومو فروش کي ڏئي ڇڏيا، وقت سان گڏ زيور گم ٿيندا ويا پر خاندان کي ان جو علم نه هو.
اهو معاملو ان وقت سامهون آيو، جڏهن ڇوڪري جي ماسي زيور کڻڻ آئي، هن الماري کولي ته زيور نه هئا، جنهن کانپوءِ هنن پوليس کي شڪايت داخل ڪرائي.
جاچ دوران خبر پئي ته ڇوڪرو زيور مومو فروش کي ڏيندو هو.
پوليس موجب مومو فروش جي ڳولا جاري آهي ۽ جوابدار کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.