ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارت ۾ فضائي گدلاڻ جو مسئلو شدت اختيار ڪري ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ فضائي گدلاڻ رانديگرن کي ماسڪ پائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ملڪ ۾ هوائي گدلاڻ وارو مسئلو شدت اختيار ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب رنجي ٽرافي جي ميچ دوران رانديگر ماسڪ پائي کيڏندي نظر آيا، ممبئي ۽ دهلي وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ ڪرڪيٽرن گدلاڻ سبب ماسڪ پائي ميچ ۾ حصو ورتو.
ممبئي جي باندرا ڪُرلا ڪمپليڪس ۾ ٿيل ميچ دوران رانديگرن ماسڪ پائي ميچ کيڏي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ميدان جي ڀرسان جاري اڏاوتي ڪمن سبب فضائي گدلاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
گدلاڻ ۾ واڌ سبب ممبئي جا رانديگر سرفراز خان، مشير خان ۽ همانشو سنگهه ماسڪ پائي ميچ ۾ شرڪت ڪئي.
ان کانسواءِ ممبئي جي فضائي گدلاڻ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته شهر جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 160 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ممبئي ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جون سيمي فائنل سميت گروپ ميچون پڻ شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.