تل ابيب (ويب ڊيسڪ(اسرائيلي فوج غزا ۾ 71 هزار فلسطينين کي شهيد ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هڪ سينيئر اسرائيلي عهديدار اعتراف ڪيو آهي ته حماس جي انتظام هيٺ هلندڙ غزا جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل فوتگين جا انگ اکر مجموعي طور درست آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي انگ اکر رڳو اسرائيلي فوجي ڪارروائين دوران شهيد ٿيندڙ فلسطينين تي ٻڌل آهن، جڏهن ته ملبي هيٺان دٻيل لاپتا ماڻهو، بُک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿيندڙ ان ۾ شامل ناهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ اسرائيل غزا جي صحت واري وزارت جي انگن اکرن کي رد ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جو ادارو انهن انگن کي اعتماد جوڳو قرار ڏيندو رهيو آهي.
ياد رهي ته غزا جي صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر 2023 کان هينئر تائين اسرائيلي حملن ۾ 71 هزار 667 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
Prev Post
You might also like