” عمران خان جي اَک جي سرجري ڪئي وئي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي بنيادي انساني حق نه پيا ڏنا وڃن، کيس ڇنڇر جي شام ڳجهي نموني اڊيالا جيل کان پمز استپال آندو ويو ۽ سندس اَک جي سرجري ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان جي صحت بابت حڪومت ڌريون پنج ڏينهن تائين ڪوڙ ڳالهائينديون رهيون، ڪل حڪومت تسليم ڪيو ته اسان اڊيالا جيل وياسين، ڪالهه پي ٽي آءِ باني جو ذاتي ڊاڪٽر عاصم ۽ اکين جو ماهر ڊاڪٽر خرم اڊيالا جيل آيا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پمز اسپتال ۾ پي ٽي آءِ باني جي اکين جي سرجري ڪئي وئي، پر عمران خان جي خاندان کي نه ٻڌايو ويو ته کيس ڇو اسپتال آندو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.