حڪومت ۽ فوج جي ڀائيواري ائين ئي هلندي رهي ته پاڪستان دنيا جي نقشي تي مضبوط ملڪ بڻجي اُڀرندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج جي ڀائيواري اهڙيءَ ريت هلندي رهي ته پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀرندو.
اسلام آباد ۾ ايڪسپورٽرز ۽ ڪاروباري شخصيتن بابت ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ حڪومت ۽ فوج جي ڀائيواري کي ملڪ لاءِ بهترين قرار ڏنو.
هن چيو ته معرڪاءِ حق ۾ فتح کانپوءِ پاڪستان جو دنيا ۾ منفرد مقام والاري چڪو آهي، دنيا اوهان جي ڳالهه مڃي رهي آهي، سيڙپڪاري لاءِ رابطا ڪري رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدد نه هجي ها ته ڪيئي مسئلا حل نه ٿي سگهن ها، جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج جي پارٽنرشپ اهڙيءَ ريت جاري رهي ته پاڪستان دنيا جي نقشي تي مضبوط ملڪ بڻجي اڀرندو.
هن وڌيڪ چيوته جڏهن پاڪستان ترقي ڪندو ته ڀارت کي به بيهوشي جا دورا پوندا ته پاڪستان ايترو سگهارو ملڪ ڪيئن بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.