ايران ۽ آمريڪا جنگ جا اثر پاڪستان پهچڻ جو امڪان

اسلام آباد (عاصما شيرازي) آمريڪا ايران خلاف پنهنجي فوجي موجودگي ۽ دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ۽ ايران خلاف مختلف آپشنن تي غور ڪيو پيو وڃي. ان ئي ڏس ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي 26 جنوري تي ٽريول ايڊوائزري جاري ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان کي سڪيورٽي خدشن سبب ليول ٿري تي رکيو ويو آهي، دهشتگردي، ڏوهن، شهري بدامني ۽ اغوا جي خطرن جو ذڪر ڪندي هوٽلن، بازارن، ٽرانسپورٽ، عبادتگاهن ۽ سرڪاري عمارتن کي امڪاني هدف قرار ڏنو ويو جڏهن ته خيبرپختونخوا جي ڪجهه علائقن کي ليول فور ۾ شامل ڪيو ويو. هوڏانهن آمريڪا سمجهي ٿو ته ايران جو نظام سپريم ليڊر ۽ انقلابي گارڊن ۾ ورهايل آهي ڪنهن متبادل قيادت جو تعين سولو نه هوندو. ايران چيو آهي  ته هو آمريڪا جي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيندو. اها صورتحال نه رڳو خطي پر پاڪستان لاءِ به اهم ۽ حساس آهي، جنگ ٿي ته ان جا اثر پاڪستان تائين به پهچي سگهن ٿا. ان ئي ڏس ۾ پاڪستان واضح طور تي اعلان ڪيو ته هو نه ابراهيم معاهدي جو حصو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اسٽيبلائزيشن فورس ۾ شامل ٿي رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 30 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.