ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو غير آئيني ناهي، جيڪڏهن اهو غداري آهي ته پوءِ آئين مان اها شق ڪڍي ڇڏيو، هو ان مطالبي بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندا،ا ين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گل پلازا سانحي جي رپورٽ تي اسان ڇا چئون، سنڌ حڪومت پاڻ به مطمئن ناهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري بابت سوال تي هن چيو ته چيئرمين جي عهدي لاءِ ميرٽ تي ٽي نالا وزيراعظم ڏانهن موڪليا ويا، چيو وڃي ٿو ته ايڇ اي سي جي تاريخ ۾ ايتري شفاف طريقي سان اميدوارن جي چونڊ ڪڏهن به نه ٿي آهي، اسان وزيراعظم جا منتظر آهيون، سمري ۾ دير ٿي آهي، چيئرمين ايڇ اي سي جو عهدو انتهائي اهم آهي، ان ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي ها، وزيراعظم غير ملڪي دوري تان واپس اچي چڪا آهن، اسان کين گذارش ڪنداسين ته هن عهدي تي فوري مقرري ڪن، ۽ جيستائين اها نه ٿي ٿئي، ان وقت تائين قائم مقام بابت فيصلو اسلام آباد وڃي ڪندس.