ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته عيد کان پوءِ اٺاويهين ترميم لاءِ ڪوششون شروع ڪيون وينديون، پيپلز پارٽي کي ڪراچي جي قرباني ڏيڻي پوندي. هڪ انٽرويو ۾ فاروق ستار چيو ته 18 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ون وي ٽريفڪ هلي پئي. هن چيو ته گل پلازا سانحي ۾ سئو ماڻهن جي قربانين کان پوءِ پ پ جو وارو آهي، هاڻ بلاول ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي ضد ۽ انارڪي جي قرباني ڏين، عيد کان پوءِ اسان ڪم شروع ڪنداسين، سڀ کان پهرين ڪراچي وفاق حوالي ٿيندو، ان کان پوءِ مڪاني نظام تي ڳالهيون ٿينديون.