نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ مڙس پنهنجي سوات ڪمانڊو زال کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب دهلي پوليس ٻڌايو ته 27 ورهين جي ڪاجل چوڌري اسپيشل ويپن اينڊ ٽيڪٽڪس جي تربيت يافتا ڪمانڊو ۽ 4 مهينن جي حمل سان هئي.
ڪاجل جي شادي 2023 ۾ انڪور نالي شخص سان ٿي هئي ۽ کين هڪ پٽ جو اولاد به آهي.
ڪاجل کي مبينا طور گهريلو جهيڙي دوران مڙس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مٿي تي ورزش واري ڳري ڊمبل سان حملو ڪيو.
حملي ۾ ڪاجل رتورت ٿي وئي، کيس اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي.
پوليس موجب افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هڪ تعليم يافتا مڙس فرض شناس ۽ وطن تي حياتي نڇاور ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ڪمانڊو کي رڳو ڏاج نه آڻڻ تي ماريو.
ڪاجل جو ڀاءُ نکل هڪ پوليس اهلڪار آهي، جنهن ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن ڀيڻ فون ڪئي هئي ۽ ڳالهه ٻولهه دوران ئي انڪور مٿس ڊمبل سان حملو ڪيو.
نکل اهو به الزام هنيو ته ڪاجل جي سس ۽ ٻن نڻانون کيس مسلسل ڏاج آڻڻ لاءِ هراسان ڪنديون هيون، جڏهن ته مڙس انڪور به ڪاجل جي والدين کان ڳري رقم ورتي هئي.
پوليس ڪيس داخل ڪري انڪور کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ هو عدالتي تحويل ۾ آهي، انڪور بچاءَ واري وزارت ۾ ڪلارڪ طور مقرر هو.
واضح رهي ته ڪابل چوڌري 2022 ۾ دهلي پوليس ۾ ڀرتي ٿي ۽ ترقي ڪندي اسپيشل ويپنز اينڊ ٽيڪٽڪس (SWAT) ٽيم ۾ ڪمانڊو طور مقرر ٿي.
You might also like