نيدرلينڊ پوليس جو باحجاب مسلم عورتن تي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل

ايمسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) نيدرلينڊ جي پوليس سڀني پيشوراڻي ذميوارين ۽ اخلاقي قدرن کي لتاڙيندي ٻن مسلم عورتن کي سرعام وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيدرلينڊ جي شهر يوٽرچ ۾ ٻه باحجاب مسلم عورتون شاپنگ مال مان ٻاهر نڪري رهيون هيون ته هڪ پوليس اهلڪار کين نفرت ڀريا جملا چيا ۽ تشدد ڪيو.
هي واقعو پرهجوم علائقي ۾ پيش آيو، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن پوليس جي ان رويي جي وڊيو ٺاهي ورتي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ برقعو پاتل هڪ عورت نظر اچي ٿي، جنهن کي پوليس اهلڪار هٿ کان پڪڙي وٺي وڃي رهيو آهي، جڏهن ته برقعو پاتل ٻي عورت وڊيو ٺاهڻ لڳي ٿي.
پنهنجو غير قانوني عمل وائکو ٿيڻ جي خوف سبب پوليس اهلڪار کي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ هو وڊيو ٺاهيندڙ عورت ڏانهن موٽي کيس لت هڻي ٿو، جنهن سبب اها ڪري پوي ٿي، جنهن تي پهرين عورت مدد لاءِ اڳتي اچي ٿي پر پوليس اهلڪار ان تي لٺ سان حملو ٿو ڪري.
ان وحشياڻي تشدد دوران بيگناهه عورتون مدد لاءِ دانهون ڪنديون رهيون، سندن درد ڀريون آهون ٻڌي هڪ مرد وچ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس اهلڪارن ان مرد کي به مارڪٽ ڪئي ۽ کيس هٿڪڙيون هڻي گرفتار ڪري ڇڏيو.
متاثر عورتن پنهنجي وڪيل انيس بومنجل وسيلي پوليس اهلڪار خلاف شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کين چيو ته ”توهان هن ملڪ جون ناهيو“.
پوليس اهلڪار جا اهي لفظ وائرل وڊيو ۾ به ٻڌي سگهجن ٿا، جڏهن ته پوليس پنهنجي اهلڪار کي بچائڻ لاءِ ابتو متاثر عورتن خلاف به ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
انهن ٻنهي مسلم عورتن تي سرعام پوليس اهلڪار جي بي عزتي ڪرڻ ۽ جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.