شتروگهن سنها 16هين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر گريٽ نوئيڊا ۾ شتروگهن سنها گهريلو جهيڙي کان پوءِ 16هين ماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو گريٽر نوئيڊا جي علائقي بسرک جي پيرا مائونٽ ايموشنز سوسائٽي ۾ پيش آيو، جتي 38 ورهين جي سافٽ ويئر انجنيئر شتروگهن سنها مبينا طور پنهنجي ساليءَ تي چاقو سان حملو ڪيو ۽ پوءِ 16هين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو.
پوليس موجب شتروگهن سنها جو پنهنجي زال سان ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هو ۽ هن مبينا طور زال تي حملي جي ڪوشش ڪئي هئي.
ان دوران سالي وچ ۾ پئي ته سنها چاقو سان هن تي وار ڪيو، جنهن سبب سندس هٿ تي زخم آيا ۽ رت وهڻ لڳو.
شتروگهن سنها جي زال جڏهن ڀيڻ کي تڪليف ۾ ڏٺو ته پوليس کي فون ڪيو، جنهن تي هو بدنامي جي ڊپ کان گهٻرائجي ويو ۽ پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائين.
جڏهن زال ۽ سالي در کولڻ جي ڌمڪي ۽ پوليس پهچڻ جو ڊپ ڏياريو ته شتروگهن گهر جي بالڪوني مان ٽپو ڏئي ڇڏيو ۽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
پوليس ٻڌايو ته زخمي سالي جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي، شروعاتي شاهديون ظاهر ڪن ٿيون ته شتروگهن گذريل ڇهن مهينن کان بيروزگار ۽ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار هو.
واقعي کان اڳ هن شراب به پيتو هو، جڏهن ته پاڙيسرين موجب مڙس ۽ زال ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا رهندا هئا.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته شتروگهن سنها هڪ آءِ ٽي ڪمپني ۾ سافٽ ويئر انجنيئر هو، سندس شادي کي لڳ ڀڳ 11 سال ٿي چڪا هئا ۽ هڪ پٽ جو اولاد به هو.
پوليس موجب شتروگهن سنها جي زال به هڪ آءِ ٽي ڪمپني ۾ سافٽ ويئر انجنيئر طور ڪم ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.