اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پهرين فيبروري کان پيٽرول سستو ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي ڪاٿي موجب پيٽرول في ليٽر 36 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل في ليٽر 9 رپيا 47 پئسا تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
انڊسٽري ذريعن موجب، گاسليٽ في ليٽر 3 رپيا 69 پئسا مهانگو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل في ليٽر 6 رپيا 95 پئسا واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو آهي ته اوگرا 30 جنوري تي پنهنجي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻيندي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندي.
You might also like