لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ چيو آهي ته پاڪستان جي عالمي ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان فيصلو جمعي يا سومر تائين ٿيندو.
پر ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو وزيراعظم ۽ پي سي بي چيئرمين جي ملاقات ۾ ڪيو ويو.
ذريعن موجب پاڪستان بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪرڻ تي آءِ سي سي اڳيان ڀرپور احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ سي سي کي خط ذريعي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو.
ذريعن موجب ٽيم کي ورلڊ ڪپ لاءِ تيارين جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان روايتي مخالف ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم ورلڊ ڪپ جون ميچون کيڏڻ سريلنڪا نه وئي ته دوست ملڪ ناراض ٿي سگهي ٿو، پاڪستان دوست ملڪ سريلنڪا کي ناراض نٿو ڪرڻ چاهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍي ان جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي شامل ڪيو آهي.
بنگلاديش سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڀارت مان ورلڊ ڪپ جون ميچون ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪو آءِ سي سي رد ڪري ڇڏيو.
You might also like