ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران موسم جي حوالي سان اهم اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير ضيغم اڳڪٿي ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي جي موسم وچولي رهڻ جو امڪان آهي ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 30 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو.
هن ٻڌايو ته فيبروري ۾ ٻه اولهه هوائن جا سسٽم ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا پر انهن جا ڪراچي تي اثر پوندا يا نه ان بابت ٻڌائڻ وقت کان اڳ آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ جاري ٿڌ جي لهر جنوري جي پڄاڻي تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ رات جو پارو 10 کان 15 ڊگري ۽ ڏينهن جو 26 کان 30 ڊگري جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
You might also like