بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍڻ تي گليسپي آءِ سي سي جي ڪردار تي سوال اٿاري ڇڏيا

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ڪڍي اسڪاٽ لينڊ کي شامل ڪرڻ تي اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيسن گليسپي سوال اٿاري ڇڏيا.
اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي آءِ سي سي جي فيصلي تي ايڪس تي کليل ردعمل ڏيندي چيو ته ڇا آءِ سي سي طرفان اها وضاحت ڏني وئي آهي ته بنگلاديش پنهنجون ميچون ڀارت کان ٻاهر ڇو نٿو کيڏي سگهي؟
هن ماضي جو مثال ڏيندي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي دوران ڀارت پاڪستان ۾ ميچون کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي آءِ سي سي ڀارت کي پنهنجون ميچون پاڪستان کان ٻاهر کيڏڻ جي اجازت ڏني هئي، اهڙا مثال موجود هجڻ باوجود بنگلاديش کي اها سهولت نه ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.