سياري ۾ وٽامن ڊي جي زيادتي نقصان ڏئي سگهي ٿي: ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

سياري ۾ اُس گهٽجڻ سبب اڪثر ماڻهو وٽامن ڊي جا سپليمينٽ استعمال ڪندا آهن پر ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وٽامن ڊي جو حد کان وڌيڪ استعمال صحت لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس (اين ايڇ ايس) موجب مناسب مقدار فائديمند آهي پر وڌيڪ مقدار نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
وٽامن ڊي سج جي روشني سان ٺهندو آهي ۽ اهو ڪيلشيم جذب ڪرڻ، هڏا مضبوط رکڻ ۽ مدافعتي نظام بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
پر حياتيات جي ماهر ٽوبياس ماپولانگا خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻهو سپليمينٽ وڌيڪ استعمال ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ صحت بگڙڻ لڳندي آهي.
هن ٻڌايو ته ماڻهو اڪثر انهن علامتن کي موسمي بيماري سمجهندا آهن پر اهو وٽامن ڊي جي زيادتي سبب ٿيندو آهي.
ماهرن موجب وٽامن ڊي جي زيادتي جون امڪاني علامتون غير معمولي اڃ لڳڻ، هر هر پيشاب اچڻ، الٽي، پيٽ ۾ سور يا قبضي، مٿي ۾ سور، ذهني دٻاءُ، جسم ۾ سور وغيرا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته درست مقدار ۾ وٽامن ڊي صحت لاءِ فائديمند آهي پر مقدار وڌائڻ يا مختلف سپليمينٽ هڪ ئي وقت استعمال ڪرڻ سان فائدي بدران نقصان ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري احتياط ۽ مناسب مقدار ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.